اسلام آباد (م ڊ)حڪومت طرفان مختلف قسمن جي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ کانپوءِ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي. وفاقي حڪومت پاران ٽئڪس لاڳو ڪرڻ کانپوءِ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌي ويا آهن، کنڊ 6700 رپيا في مڻ وڪرو ٿي رهي هئي، جيڪا 250 رپين جي واڌ سان 6950 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي طرح گيهه جي ڪارٽون جو اگهه 300 رپيا، کليل تيل 380 مان وڌي 420 رپيا، منڱن جي دال 280 مان وڌي 340 رپيا، چڻن جي دال 280 مان وڌي 320رپيا ٿي وئي آهي. اٽو، سڪل کير، دٻي واري کير ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ سبب شهري سخت پريشان آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي مهانگائي ۾ زندهه رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پاران لاڳو ڪيل ٽئڪسن سبب عام ماڻهوءَ کي 2 وقت جي ماني به ملڻ مشڪل ٿي وئي آهي، ان ڪري ٽئڪس ختم ڪري عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.