ڪوئيٽا ۾ گم ٿيلن جي وارثن تي پوليس لٺبازي، شيلنگ، ڪيترائي زخمي ۽ گرفتار

ڪوئيٽا (بيورو+ م ڊ) ڪوئيٽا ۾ گم ٿيل ظهير احمد جي بازيابيءَ لاءِ نڪتل ريلي تي پوليس ڪاهه ڪري ڏني، اهلڪارن احتجاج ڪندڙن تي لٺ بازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي، جنهن سبب عورتن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. ان دوران پوليس وائيس فار بلوچ مسنگ ۽ بلوچ يڪجهتي  ڪميٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ احتجاج ۾ شريڪ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن احتجاج تي لٺبازي ۽ شيلنگ خلاف سرياب ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب دڪان ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، پوليس روڊ کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيو، پوليس جي لٺ بازي ۽ شيلنگ ۽ ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻار به زخمي ۽ بي هوش ٿي ويا. ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ ريلي تي  پوليس جي لٺبازيءَ خلاف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي مستونگ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو. ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ قومي شاهراهه تي ڊپٽي ڪمشنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.  جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان ڊگهيون قطارون لڳي ويون. ٻئي طرف صوبائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند احتجاج تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته پرامن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي. هن چيو ته هي احتجاج گذريل 10 کان 12 ڏينهن کان جاري آهي. ان دوران هن پرامن احتجاج تي رياست طرفان ڪو به قدم نه کنيو ويو. صوبائي حڪومت جي ترجمان چيو ته مظاهرو ڪندڙ سرياب روڊ ڪوئيٽا کان ريڊ زون طرف وڌيا. مظاهرو ڪندڙ قلم 144 هجڻ باوجود ريڊ سيڪشن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ترجمان موجب  ريڊ زون ۾ ڪنهن کي به داخلا جي اجازت ناهي. صوبائي حڪومت جي ترجمان چيو ته  جيڪڏهن هي ڪنهن به علائقي ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ چاهن ته رياست کي ڪو به اعتراض ناهي. ريڊ زون ۽ رياستي ادارن کي يرغمال بڻائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.

ايڇ آر سي پي پاران تشدد جي مذمت، گم ٿيلن جو  پتو لڳائڻ جي گهر

لاهور (م ڊ) ايڇ آر سي پي ڪوئيٽا ۾ شهري جي گمشدگي خلاف ڪڍيل ريلي تي تشدد جي مذمت ڪئي آهي. ايڇ آر سي پي جو چوڻ  آهي ته ڪوئيٽا ۾ ظهير بلوچ جي مبينا جبري گمشدگي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مظاهرين ۾ عورتون به شامل هيون جنهن تي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا. ايڇ آر سي پي چيو آهي ته ظهير بلوچ ڊاڪ خاني ۾ ملازمت ڪندو آهي جنهن کي 27 جون تي ڪجهه اڻڄاتل ماڻهن ڪوئيٽا  مان اغوا ڪيو هو. جبري گمشدگين جا لاڳيتو اطلاع خاص طور تي بلوچستان ۾ هڪ ٻئي پٺيان پيش ايندڙ واقعن باوجود رياست هن ظالماڻي عمل جي رنڊ روڪ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ناهي ڪيو پر ابتو اهي جبري گمشدگين خلاف ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن کي منتشر ڪرڻ لاءِ هميشه تشدد جو سهارو وٺن ٿا جيڪو پرامن ميڙاڪن جي حق جي ڀڃڪڙي برابر آهي. ايڇ آر سي پي مطالبو ڪري ٿو ته ظهير بلوچ جو فوري پتو لڳايو وڃي ۽ اغوا ڪندڙن کان حساب ورتو وڃي.

نيشنل پارٽي پاران ڪوئٽا ۾ ريلي تي تشدد جي مذمت، گرفتار ڪيلن جي آزادي جو مطالبو

ڪوئيٽا (م ڊ) نيشنل پارٽي ڪوئيٽا ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙ سندن وارثن ۽ ٻين مظاهرين تي پوليس جي تشدد ۽ گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته مظاهرين گذريل 10 ڏينهن کان سرياب روڊ تي عورتن ۽  ٻارن سميت ڌرڻو هڻي ويٺل هئا، ڪو ذميوار حڪومتي نمائندو ساڻن ڳالهين لاءِ نه آيو جڏهن هو پرامن  مظاهري جي صورت ۾ شهر ڏانهن روانا ٿيا ته پوليس مظاهرين تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل اڇلايا ۽ عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو جن مان ڪجهه زخمي ٿيا، ڪن عورتن کي گرفتار ڪري ٿاڻن ۾ بند ڪيو ويو، اهو عمل بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. نيشنل پارٽي بيان ۾ مطالبو ڪيو ته سڀني گرفتار عورتن، ٻارن ۽ مظاهرين کي فوري آزاد ڪيو وڃي. ماڻهن کي گم ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري بامقصد ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ گرفتار سياسي ڪارڪنن ۽ جبري گم ڪيلن کيي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.