ڪرمنل ۽ اسمگلنگ مافيا ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نٿي چاهي: سيڪيورٽي عملدار

پشاور (م ڊ) سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته آپريشن عزم استحڪام نئون فلسفو ناهي پر نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي، فوج آپريشنز مان گهڻو ڪجهه سکيو، ان لاءِ نئين آپريشن ۾ ماڻهن کي بي گهر  نه ڪيو ويندو، آپريشن رڳو انهن علائقن ۾ ٿيندا جتي دهشتگرد هوندا، دهشتگردن جي مددگارن کي به دهشتگرد سمجهيو ويندو. سيڪيورٽي عملدارن چيو ته ملٽري ڪورٽس جو مقصد ملٽري ۽ لاڳاپيل ادارن ۾ ڊسپلين قائم ڪرڻ آهي، انهن ۾ سزائون تيز رفتاري سان انصاف جي بنياد تي ٿين ٿيون، اهي سزائون هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهجن ٿيون. فوج کي ڪمزور ڪندڙ قوتون پاڪستان کي عراق، لبيا ۽ شام بڻائڻ چاهين ٿيون، بريفنگ ۾ عملدارن چيو ته ڪرمنل ۽ اسمگلنگ مافيا ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نٿي چاهي، قانون جي حڪمراني هجي ها ته اسمگلرز جو پيسو ڪمائڻ لاءِ در بند هجن ها، ڊالر جو اگهه وڌڻ جو سبب به غيرقانوني ڪمايل رقم آهي. هنن چيو ته ملڪ ۾ عدالتي نظام به انتهائي ڪمزور ۽ سست آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ سزائون ڏيڻ جي رفتار گهٽ آهي، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ رفتار سست آهي، سي ٽي ڊي جي ڪارڪردگي سستي جو شڪار آهي، سول ادارا جوابده هجڻ گهرجن. سيڪيورٽي عملدارن چيو ته فوج سوات ڪليئر ڪري ڇڏيو، سول حڪومتون اڳتي اچن ۽ ذميواري پوري ڪن، پوليس به پنهنجي ذميواري سنڀالي، چوڪين تي ويهڻ جو شوق ناهي، سول حڪومتن کي انفرا اسٽرڪچر لاءِ اربين رپين جا فنڊ مليا، ڪٿي استعمال ٿيا، جوابده هجڻ گهرجي. بريفنگ ۾ چيو ته فوج بلوچستان ايران بارڊر تي اسمگلنگ ۾ گهٽتائي لاءِ اپاءَ ورتا، افسوسناڪ آهي جو سول ادارن ۽ پوليس ۾ پوسٽون وڪرو ٿين ٿيون، قوم کي خبر هجڻ گهرجي ته اهي پوسٽون ڪير وٺي ٿو ۽ مقصد ڇا آهي، سول حڪومتن کي جوابده هجڻ گهرجي. هنن ٻڌايو ته 2024 ۾ 22 هزار 714 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا جن ۾ 111 شهادتون ٿيون جڏهن ته 163 دهشتگرد ماريا ويا، آپريشن روز جي بنياد تي ٿي رهيا آهن، فوج حڪومت جو حصو آهي، رياست ناهي. افغانستان ۾ دهشتگردن جون 23 تنظيمون آهن جن مان 17 پاڪستان خلاف آهن، دفاعي نظام جي مضبوطي ۾ ملٽري ڪورٽس جو وڏو ڪردار آهي، بارڊر سسٽم جي بهتري لاءِ لينڊ پورٽ اٿارٽي ٺاهي وڃي جنهن جي قيام سان سرحدن کي محفوظ بڻايو ويندو. مافيا دهشتگردن کي سزائن ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو آهي، فوج خلاف غلط بيانيي جي مشهوري ۾ ملوث آهي، مافيا فوج ۽ عوام وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. عملدارن موجب ملڪ جا ٻيا ادارا اسمگلنگ جي رنڊ روڪ لاءِ اپاءَ ناهن وٺي رهيا، فوج قربانيون ڏئي امن ۽ ترقي لاءِ رڌل آهي. مدرسن جي رجسٽريشن سستي جو شڪار آهي، 32 هزار مان رڳو 16 هزار مدرسن جي رجسٽريشن ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.