عورت آفيسر کي هراسان ڪندڙ ليڪچرارڪيڊٽ ڪاليج گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي تحقيقاتي ايجنسي ” ايف آءِ اي“ سائبر ڪرائم ونگ سوشل ميڊيا تي عورت کي هراسان ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ پاران ڪارروائي جي دوران ڪالز ڊپارٽمينٽ جي عورت آفيسر کي هراسان ڪندڙ ڪيڊٽ ڪاليج جي ليڪچرار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ جاچ آفيسر ارباب طارق جو چوڻ آهي ته جوابدار طفيل عباسي کي بلديا ٽائون جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابار عورت آفيسر کي ڪيترن ئي مهينن کان بليڪ ميل ڪري رهيو هو، گرفتار جوابدار جي موبائل مان متاثرعورت جون نازيبا وڊيوز به مليون آهن،ان حوالي سان ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.