اسلام آباد ( بيورو/ م ڊ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) پاڪستان کان نئين قرض پروگرام لاءِ ڊومور جو مطالبو ڪري ڇڏيو. آءِ ايم ايف ماهرن پاڪستاني اختيارين سان مشڪل ترين ورچوئل ڳالهيون ڪيون آهن. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف چئني صوبائي حڪومتن جي نمائندن سان سان ڌار ڌار ڳالهيون ڪيون، ڳالهين دوران ناڻي واري وزارت جا وفاقي ۽ صوبائي آفيسر شامل هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان کان زراعت تي انڪم ٽئڪس اوڳاڙي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، چئني صوبن زرعي انڪم ٽئڪس تي آءِ ايم ايف جو مطالبو مڃي ورتو آهي. آءِ ايم ايف جي ماهرن پاڪستاني اختيارين سان مشڪل ترين ورچوئل ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف چئن صوبن جي نمائندن سان ورچوئل ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف جي ماهرن هر صوبائي حڪومت سان الڳ الڳ ڳالهيون ڪيون، ورچوئل ڳالهين ۾ وفاقي ۽ ناڻي واري وزارت جا صوبائي آفيسر شامل هئا. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان زراعت تي انڪم ٽيڪس جي وصولي کي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، چئني صوبن زرعي انڪم ٽيڪس تي آءِ ايم ايف جو مطالبو قبول ڪري ورتو ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس وصولي جو پلان تيار ڪرڻ لاءِ 2 ڏينهن جو وقت گهريو ويو چار صوبائي حڪومتون 12 جولاءِ اڄ تائين پلان پيش ڪنديون. ذريعن موجب، صوبائي حڪومتن طرفان زرعي آمدني تي ٽئڪس جي اوڳاڙي جو پلان مرتب ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو وقت گهري ورتي آهي، صوبائي حڪومت 12 جولاءِ (اڄ) تائين پنهنجا پلان جمع ڪرائينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته زرعي آمدني تي انڪم ٽئڪس جي شرح ساليانو لک کان وڌيڪ آمدني تي لاڳو هوندي، انڪم ٽئڪس جو ريٽ به نارمل انڪم ٽئڪس جي حساب سان هوندو، زرعي آمدني تي وفاق ۽ صوبا هڪ پيج تي اچي ويندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت به آءِ ايم ايف سان هاڪاري ڳالهيون ڪيون، آءِ ايم ايف ڪي پي ڪي حڪومت جي 100 ارب رپين جي سرپلس بجيٽ کي ساراهيو.آءِ ايم ايف حڪومت سان نئين بيل آئوٽ پيڪيج تي ڳالهيون ڪري رهيو آهي جڏهن ته عالمي قرض ڏيندڙ زرعي آمدني تي 45 سيڪڙو ٽيڪس جي تجويز ڏني آهي.ٽربيون جي رپورٽ موجب آءِ ايم ايف هڪ معيار مقرر ڪيو آهي جنهن تحت ملڪ جي صوبائي حڪومتن کي چيو ويو آهي ته هو پنهنجن قانونن ۾ ترميم ڪري زرعي آمدني تي 45 سيڪڙو تائين انڪم ٽيڪس لاڳو ڪن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي شرط تحت چئني صوبن کي زرعي انڪم ٽيڪس سسٽم ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. آءِ ايم ايف اهو به شرط رکيو آهي ته صوبائي حڪومتون آڪٽوبر جي آخر تائين چوپائي مال (لائيو اسٽاڪ) جي آمدني تي موجود انڪم ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪن.