سپريم ڪورٽ جو مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو اڄ فيصلو

اسلام آباد (بيورو) سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو. سپريم ڪورٽجي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ 9 جولاءِ تي محفوظ ڪيل فيصلو  اڄ صبح جو  9:30 وڳي ٻڌائيندي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب فل ڪورٽ فيصلو ٻڌائڻ لاءِ نه ويهندي. بئنچ ۾ شامل چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي فيصلو ٻڌائيندا. ان کان اڳ سُني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جو ٻيو مشاورتي اجلاس چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ به مشاورتي اجلاس ٿيو. فل ڪورٽ بئنچ جو اربع ڏينهن به مشاورتي اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ 13 جج شريڪ ٿيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.