ڪراچي/حيدرآباد (م ڊ+رپورٽر) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ فلور ملز ڪڻڪ جي پڙهائي ۽ اٽي جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي جنهن سبب اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. فلور ملز ايسوسيئيشن موجب 1500 مل مالڪن هڙتال ڪئي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ فلور ڊيلرز به هڙتال ۾ شامل ٿي ويا آهن. فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا جو چوڻ آهي ته اسان ود هولڊنگ ٽيڪس گڏ نه ڪنداسين، ود هولڊنگ ٽيڪس سان اٽي جو پاچڪو 200 رپيا مهانگو ٿي ويندو. آل پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي هڙتال سبب گوجرانوالا ضلعي ۾ 73 فلور ملز بند ڪيون ويون، ملتان ۾ 60 ۽ ڊويزن جي چئني ضلعن ۾ 100 فلور ملز بند ڪيون ويون. فيصل آباد، پشاور ۾ به هڙتال ڪئي وئي. ڪراچي سائوٿ زون ۾ فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عامر عبدالله موجب سنڌ ۾ به فلور ملز اٽي جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي آهي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ايف بي آر جو ڪم آهي، اسان کي ٽيڪس ايجنٽ نه بڻايو وڃي، اسان جي مطالبن جي منظوري تائين ڪڻڪ جي شين جي سپلاءِ بند رهندي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ فلور ملز مالڪن پريس ڪانفرنس ڪندي هڙتال جو اعلان ڪيو هو. هوڏانهن فلور ملز ايسوسيئيشن ۽ ايف بي آر وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، ايف بي آر جي چيئرمين اٽي تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ۽ فلور ملز ايسوسيئيشن وچ ۾ زوم تي سيڪريٽري فوڊ پنجاب جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو، گڏجاڻي ۾ فلور ملز ايسوسيئيشن اٽي جي واپار تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ فلور ملز تي لاڳو ساليانو ٽرن اوور ٽيڪس ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي، ان صورت ۾ اٽو سستو ٿي سگهندو. هنن چيو ته ود هولڊنگ ٽيڪس جي ڊاڪيومينٽيشن ڪرڻ اٽي ڊيلرن ۽ دڪاندارن لاءِ ممڪن ناهي. آل پاڪستان فلور مل ايسوسيئيشن پاران هڙتال جي سڏ تي حيدرآباد ۾ 8 فلورملز جي هڙتال سان گڏ آٽا چڪي اونرز ايسوسيئيشن پاران پڻ هڙتال جي حمايت ڪندي حيدرآباد جون 222 اٽي جون چڪيون بند ڪري هڙتال ڪئي وئي آهي. شهر ۾ اٽي جون چڪيون بند ڪري چڪين ٻاهران احتجاجي بينر لڳايا ويا هئا. حيدرآباد آٽا چڪي اونرز جي صدر حاجي محمد ميمڻ جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پاران بجيٽ ۾ کاڌي پيتي جي بنيادي شين ۽ ڪڻڪ تي ظالماڻو ٽئڪس لڳايو ويو آهي، حڪومت اضافي ٽئڪس بدران ڪڻڪ تي سبسڊي ڏئي عوام کي رليف ڏئي.