حيدرآباد(رپورٽر)عوامي آواز ميڊيا گروپ ڪيٽي بندر جي رپورٽر الياس سمون خدشو ظاهر ڪيو آهي ته علائقي جا مسئلا ميڊيا تي آڻڻ ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجڻ جي ڏوهه ۾ ٺٽي ضلعي جون ڪجهه بااثر ڌريون مٿس دٻاءُ وجهي کانئس صحافت ۽ مظلومن جي حقن لاءِ هلندڙ قلم ڇڏائڻ چاهين ٿيون. سندس پٺيان هڪ پوليس عملدار کي لڳايو ويو آهي. جنهن کي کيس فرائي يا هاف فرائي ڪرڻ جو ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي. پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ الياس سمون چيو ته هن عوامي آواز جي اڱڻ تي سدائين ٺٽي ضلعي جي مظلوم ماڻهن. پوليس جي ناانصافين ۽ زمينن جي قبضن سميت سامونڊي پٽي جي ماڻهن جا درد سامهون آندا آهن. جنهن تي ڪجهه سياسي ڌريون مٿس ڏمريل آهن. هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا کيس خاموش ويهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. پر هن سدائين حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي. تنهن ڪري انهن ڌرين هاڻ کيس رستي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته هڪ بروهي برادري جي پوليس عملدار کي کيس مارڻ، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. اهو عملدار کيس سوشل ميڊيا توڙي ٻين طريقن ذريعي ڌمڪائي رهيو آهي تنهن ڪري سندس زندگي خطري ۾ آهي. هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ ۾ به کيس ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو هو. هن آء جي سنڌ پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.