راولپنڊي (م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان شير افضل مروت جي پارٽي رڪنيت معطل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ذريعن موجب ڪالهه پارٽي اڳواڻن عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عمران خان پارٽي قيادت کي اختيار ڏنو ته پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني شيرافضل مروت جي پارٽي رڪنيت معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته پارٽي طرفان تڪراري بيان ڏيڻ تي شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.