نيشنل پارٽي وزيراعظم آڏو ريڪوڊڪ ۽ گوادر ۾ ڀرتين تي خدشا ڏيکاري ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي وزيراعظم ميان شهباز شريف سان بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي اڳواڻي  ۾ وفد جي پارليامينٽ سيڪريٽريٽ ۾ اهم ملاقات. ملاقات ۾ نيشنل پارٽي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينٽر جان محمد بليدي، مير شوڪت خان بزنجو، راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. ڊاڪٽر عبدالمالڪ ريڪوڊڪ ۽ گوادر ايئرپورٽس تي ڀرتين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ادارن ۾ بلوچستان جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ انهن ادارن ۾ ڀرتي ڪيل ماڻهن جو تعلق بلوچستان سان ناهي. هن چيو ته اهڙيون ڪارروايون وفاق ۽ قومي اڪاين وچ ۾ وڇوٽين کي وڌيڪ وڌائينديون. وزيراعظم نيشنل پارٽي جي قيادت کي يقين ڏياريو ته بلوچستان جي عوام سان ناانصافي ڪڏهن به نه ٿيڻ ڏني ويندي ۽ ان معاملي جي جاچ ۽ نگراني ڪئي ويندي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.