نبيري ۾ 6 قتل ثابت، هڪ ڪروڙ 10 لک رپيا مجموعي ڏنڊ

ڳڙهي چاڪر(رپورٽ غلام بوزدار)ڳڙهي چاڪر ويجهو ٽن سالن کان بوزدار برادري ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو بوزدار هائوس ڳڙهي چاڪر ۾ قيصر خان بوزدار جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا قتل 2 عورتون هڪ نينگر سميت 15 زخمين جا مجموعي ڏنڊ هڪ ڪروڙ 10 لک ڏنڊ ٻنهي ڌرين مٿان رکيو ويو، اهڙو نبيرو ٿيڻ بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. ياد رهي ته پير بري واري علائقي ۾ ٽن سالن کان بوزدار برادري جي ٻن ڌرين سانول بوزدار ۽ بچل بوزدار  واري ڌرين ۾ فصل جي ڀيل معامري تان جهيڙو هلندڙ هو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 3.3 ماڻهو قتل ٿي ويا هئا ۽ في خون جو بها 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، ٻن عورتن هڪ نينگر سميت ٻنهي ڌرين جا 15ڄڻا زخمي هئا، جن جا الڳ الڳ ڏنڊ مقرر ڪيا ويا آهن، بوزدار برادري جي خوني تڪرار جي نبيري بعد پير بري واري علائقي ۾ امن ۽ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي جڏهن ته آخر ۾ دعا پڻ گهري وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.