شهزاد اڪبر ٻڌايو ته ٻاهر موڪليل رقم پڪڙي وئي آهي: پرويز خٽڪ

راولپنڊي (م ڊ) 190 ملين پائونڊز ڪيس ۾ بچاءُ واري اڳوڻي وزير پرويز خٽڪ پنهنجو بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا. پرويز خٽڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته نيب مئي 2023 ۾ هن کان 190 ملين پائونڊ بابت بيان ورتو، شهزاد اڪبر ڪابينا کي ٻڌايو ته پاڪستان مان غير قانوني طور ٻاهر موڪليل وڏي رقم برطانيا ۾ پڪڙي وئي، شهزاد اڪبر اِهو به چيو ته اِها رقم پاڪستان کي واپسي ڪئي ويندي. اڳوڻي وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته اِهو معاملو ڪابينا جي ايجنڊا تي نه هو، اجلاس ۾ اضافي ايجنڊا طور سامهون آيو، اضافي ايجنڊا تي مون سيمت ٻين ڪابينا ميمبرن اعتراض واريو هو، ڪابينا ۾ رقم بابت ڪاغذ بند لفافي ۾ پيش ڪيا ويا، اضافي ايجنڊا جي منظوري ڪابينا کان ورتي وئي. ٻڌڻي دوران هڪ شاهد کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي جڏهن ته ڪ شاهد جو بيان قلمبند ڪيو ويو، عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 13 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.  اڳوڻي بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جي بيان دوران عمران خان روسٽرم تي اچي ويو، پرويز خٽڪ جي بيان دوران عمران خان مسڪرائيندو رهيو. پرويز خٽڪ جي بيان دوران اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نواز شريف جا فليٽس به هاڻ واپس پاڪستان اچڻ گهرجن. بعد ۾ پرويز خٽڪ 15 منٽن ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ واپس روانو ٿي ويو، بني گالا اسلام آباد جي پٽيواري عباس گوڙيا جي به جرح مڪمل ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.