اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملنديون يا نه؟ فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس ۾ مخصوص سيٽن جي فيصلي تي مشاورت ڪئي وئي،سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملنديون يا نه؟ ان معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ فل ڪورٽ مشاورتي اجلاس ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهيو، جنهن کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو، جيڪو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان آهي، سُني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ جو مشاورتي اجلاس ٿيو ، اجلاس ۾ فل ڪورٽ جا 13 جج شامل هئا، جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، محمد علي مظهر، عائشه ملڪ، اطهر من الله، سيد حسن اظهر رضوي، شاهد وحيد، عرفان سعادت خان ۽ نعيم اختر افغان فل ڪورٽ جو حصو آهن. ذريعن موجب سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو ججن جي اجلاس ۾ مشاورت سان ڪيو ويندو.