ڳرا ٽيڪس پگهاردار طبقي لاءِ مرض بڻجي ويا آهن: سعد رفيق

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڳرا ٽيڪس پگهاردار طبقي لاءِ مرض بڻجي ويا آهن. لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته بجلي جي بلن جي ادائيگي هيٺئين ۽ وچولي طبقي جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آهي. هن چيو ته پگهاردار طبقي تي ڳرو ٽيڪس هڪ مرض بڻجي ويو آهي، ماڻهو پريشان آهن، ان کي حل ڪرڻو پوندو. ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته غربت گهٽائڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جون ڏينهن رات ڪوششون ضايع نه ٿيڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.