اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت آءِ ايس آءِ جي نامزد آفيسر کي ڪال ٽريس ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو. وفاقي ڪابينا حساس اداري جي نامزد آفيسر کي ڪال ٽريس ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني جيڪا سرڪيوليشن ذريعي ڏني وئي. پڌرائي موجب سمري جي منظوري قومي سلامتي جي مفاد ۾ ڪنهن ڏوهه جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪابينا اهو اختيار پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ 1996 جي سيڪشن 54 تحت ڏنو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايجنسي جنهن آفيسر کي نامزد ڪندي اهو گريڊ 18 کان گهٽ درجي جو نه هوندو.
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ وفاقي ڪابينا طرفان ايجنسين کي ڪالز ٽريس ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ جي منظوري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان سان ماڻهن جي ذاتي رازداري جو به خيال رکيو ويندو. پاڪستاني حڪومت انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) کي فون ڪالز ۽ پيغام ’انٽرسيپٽ‘ ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.هن چيو ته دهشتگردي خلاف قدم کڻڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو آهي،هن چيو ته هي قانون اڳ به موجود هو ۽ جيڪڏهن خراب هو ته 6 حڪومتون گذري ويون ته ختم ڇو نه ڪيو ويو، هن چيو ته ڪال ٽريسنگ ۽ جيو فينسنگ ذريعي ڪيترائي ڪيس حل ڪيا ويا، محترمه بينظير ڀٽو سميت ڪيترائي واقعا ان ذريعي ٽريس ڪيا ويا، هن چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهو قدم کنيو آهي ته جيئن غلط استعمال نه ٿئي ۽ ماڻهن جي پرائيويسي جو خيال رکيو وڃي ۽ قانون جي غلط استعمال خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اعظم نذير تارڙ چيو ته اهو قانون ٺهڻ کانپوءِ ملڪ ۾ 6 حڪومتون آيون ، جيڪڏهن اهو قانون خراب هجي ها ته ان کي ختم ڪري ڇڏين ها. رپورٽ موجب 8 جولاءِ تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو ته حڪومت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ 1996 جي سيڪشن 54 تحت آءِ ايس آءِ آفيسرن کي اختيار ڏنا، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو قومي سلامتي جي مفاد ۾ ۽ ڏوهن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. ساڳئي نوٽيفڪيشن موجب ڳجهي ايجنسي طرفان رڳو 18 گريڊ يا ان کان مٿي جي آفيسرن کي ڪالز رڪارڊنگ يا ٻڌڻ جي عمل لاءِ نامزد ڪيو ويندو،هن چيو ته حڪومت نه پئي چاهي ته دائرو 50 ايجنسين تائين پکيڙيو وڃي، هر ڪنهن کي اختيار ڏنا وڃن ها ته اهو به خراب هو،آءِ ايس آءِ کي پابند ڪيو ويو آهي ته گريڊ 18 کان مٿي جي آفيسرن اج نالا ڏنا وڃن ۽ انهن کي جيڪي ايريا سونپيا ويا آهن ان جو به ٻڌايو وڃي ته جيئن ان جو غلط استعمال نه ٿي سگهي
اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته حساس اداري کي ڪال ٽريسنگ جو اختيار ڏيندڙ پاڻ ڪال ٽريسنگ جي وڪڙ ۾ اچي ويندا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته ڪال ٽريسنگ جو اختيار ڏيندڙ جيل ويندا، ان ئي قانون ذريعي آصف زرداري، نواز شريف، شهباز شريف، بلاول ۽ مريم نواز جيل ويندا. اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته ڪال ٽريسنگ جو اختيار ڏيندڙ سڀ عدالتن ۾ ڦرندا نظر ايندا. عمر ايوب فون ٽيپنگ جي اجازت عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
 
			