اڊيالا جيل وڃڻ تي اسان سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي: ثناءُالله مستي خيل

اسلام آباد: (م ڊ) سُني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر ثناءُ الله مستي خيل چيو آهي ته اڊيالا جيل وڃڻ تي اسان سان بدسلوڪي وئي ويندي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ثناءُ الله مستي خيل چيو ته مان پنجاب اسيمبلي ۾ به رهي چڪو آهيان، ڪڏهن به اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي جنهن کي حذف ڪيو وڃي، هڪ ڀيرو زبان ترڪي وئي جنهن کانپوءِ مون خواجا آصف کان معافي گهري هئي، هن چيو ته اها سزا اسپيڪر ڏني، مون کي اهڙي سزا ڏني وئي جو مان پارليامينٽ ۾ نه اچي سگهيس.

  1. باجوڙ مان چونڊيل آزاد اميدوار مبارڪ زيب پي ٽي آءِ ۾ شامل

پشاور (م ڊ) باجوڙ  مان چونڊيل آزاد قومي اسيمبلي ميمبر مبارڪ زيب پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويو. ايم اين اي مبارڪ زيب ايندڙ ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي سپورٽ ڪندو.  پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ سبب مبارڪ زيب آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو ورتو هو.

  1. وڪيل تنظيمن طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج خلاف سوشل ميڊيا مهم جي مذمت

ڪوئيٽا (م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل، بلوچستان بار ڪائونسل، بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي گڏيل بيان ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگينڊا جي مذمت ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عدليه جي آزادي هڪ سواليا نشان آهي، پاڪستان ۾ نه اڳ عدليه آزاد هئي نه هاڻي عدليه آزاد آهي. ججن خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وڃي، ان کان اڳ به اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز صاحبن جي عدالتي معاملن ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو ويو، هاڻي انهن ججز خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وڃي. بلوچستان وڪيل تنظيمن اسلام آباد بار ڪائونسل، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ٺهراءَ جي حمايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.