اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي وڏو عدالتي رليف ملي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق فواد چوڌري جي پرڏيهه روانگي لاءِ اجازت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت اڳوڻي وزير جو نالو ٻن هفتن لاءِ عارضي طور پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي حڪم ڏنو چيو ته فواد چوڌري ڏهه کان 24 جولاءِ تائين پرڏيهه وڃي سگهي ٿو.

fawadchaudhry PTI IHC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.