اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت مهيني ۾ 200 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، مهيني ۾ 200 يونٽ پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ اگهه ۾ واڌ واپس ڪئي ويندي.
وزيراعظم هنگامي بنيادن تي وفاقي ڪابينا کان سرڪيوليشن سمري جي منظوري ورتي.
جولاءِ کان سيپٽمبر 2024 تائين هر مهيني 200 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي رليف ڏنو ويندو.
ذريعن موجب، وفاقي حڪومت بجلي جي اگهه ۾ رليف ڏيڻ لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏيندي.
وفاقي ڪابينا بجلي جي في يونٽ بنيادي اگهه ۾ 7 رپيا 12 پئسن تائين بجلي جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي.
ذريعن موجب، مهيني ۾ 50 يونٽن تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ اگهه ۾ 3 ڏهائي 95 رپيا برقرار رهندو.
مهيني ۾ 51 کان 100 يونٽن تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ اگهه 7 ڏهائي 74 رپيا برقرار رهندو.
You might also like