سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي، ٻوڏ جو خدشو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي چوماسي سيزن دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ( اين ڊي ايم اي ) موجب، موجودا چوماسي سسٽم 24 ڪلاڪن اندر سنڌ تي اثرانداز ٿيندو، سسٽم سبب ڪشمور، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٺي، عمر ڪوٽ، بدين، مٺي ۽ ٿرپارڪر متاثر ٿي سگهن ٿا.
اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته برساتن سبب مقامي اربن فلڊنگ، ندين نالن ۾ وچولي درجي جو چاڙهه اچي سگهي ٿو، هيٺائين وارن علائقن ۾ رهندڙ آبادي امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن، خطري کي منهن ڏيندڙ علائقي واسي مقامي اختيارين جي هدايتن تي عمل ڪن ۽ عوام وقت سر الرٽس لاءِ ”پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ“ موبائيل ايپ ڊائون لوڊ ڪري .
ٻئي پسي سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جون جولاءِ ۾ گرمي پد پهريان کان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهيو، گلوبل وارمنگ سبب هر سال گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
اين ڊي ايم ايم چيئرمين موجب، عربي سمنڊ ۾ هوا جو شديد دٻاءُ آهي، هوا جي دٻاءُ سبب چوماسي ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، چوماسي جو اسپيل ڀارت کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ امڪان آهي، جولاءِ جي پهرئين هفتي ۾ ڪجهه هنڌن تي هيوي شاور جا واقعا پيش آيا.
هن چيو ته جولاءِ جي ٻئي ۽ ٽئين هفتي ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، جولاءِ آگسٽ ۾ چئني صوبن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جولاءِ جي ٻئي ۽ آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ پنجاب، جولاءِ جي ٻئي هفتي ۽ چوٿين هفتي ۾ سنڌ ۾ برسات جو امڪان آهي .
اين ڊي ايم اي چيئرمين وڌيڪ چيو ته موسميات کاتي جو سسٽم، ڊيوائس ۽ سامان پراڻو ٿي چڪو آهي، موسميات کاتي جي ويب سائيٽ، 10، 10 ڏينهن اَپ ڊيٽ ناهي ٿيندي.

Sindh Rain NDMA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.