اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته آءِ ايس آءِ کي ڪال ٽريسنگ جو اختيار ڏيڻ وارا سڀاڻي پاڻ ڪال ٽريسنگ جو شڪار ٿيندا.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته ڪال ٽريسنگ جو اختيار ڏيندڙ جيل ويندا، ان ئي قانون ذريعي آصف زرداري، نواز شريف، شهباز شريف، بلاول ۽ مريم جيل ويندا.
مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڪال ٽريسنگ جو اختيار ڏيڻ وارا سڀ عدالتن جا ڦيرا ڏيندي نظر ايندا.
ياد رهي ته وفاقي ڪابينا اڄ ئي آءِ ايس آءِ جي نامزد آفيسر کي ڪال ٽريس ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي.
ISI PTI federalgovt