ڪشمور(ڊر)ڪشمور جي ڳوٺ غلام نبي ڏڱر واسي امان الله ڏڱر ۽ ڊيرا موڙ آبپاشي ڪالوني واسي حمزه شيخ ڪاٺين جي واپار لاءِ گيھلپور ڪچي ويا جتان ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيو ويو وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن کي ڪچي جي ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو آهي ٻنهي جا موبائيل بند ملي رهيا آهن ڪشمور ضلعي جي ايس ايس پي بشير بروهي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺي ٻئي پاسي گيھلپور پوليس ٻنهي ڄڻن جي اغوا ٿيڻ واري معاملي کان به خبر بڻيل آهي.