سوشل ميڊيا مهم تي حڪومت جي خاموشي سندن رضامندي سمجهون؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري بابت سوشل ميڊيا مهم تي توهين عدالت جي ڪارروائي  شروع ڪئي وئي، چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ غريده فاروقي، حسن ايوب ۽ عمار سولنگي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم تي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪندي 7 رڪني لارجر بينچ جوڙي ڇڏي. جسٽس طارق محمود جهانگيري کانسواءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا سمورا جج بينچ ۾ شامل آهن، توهين عدالت جي ڪارروائي کي سوشل ميڊيا مهم جو ادارتي جواب قرار ڏنو ويو. فل ڪورٽ ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته عدالت ڪيترائي ڀيرا سمجهايو پر ڪنهن به سبق ناهي سکيو، ججن خلاف مهم ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳي ناهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان احتساب کان نٿا ڊڄون پر سڀني کي چئي رهيا آهيون ته ٿورو آهستي ٿي وڃو هي ڪنهن هڪ جج بابت ناهي، جج جو سڀ ڪجهه اخلاقي معاملن تي آهي، اوهان سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ وڃڻ چاهيو ٿا ته 100 ڀيرا وڃو. هن ريمارڪس ڏنا ته واضح رهي ته ڪير به ان ۾ ملوث هوندو ان کي نه ڇڏينداسين، سڀ ريگيوليٽرز ڪٿي آهن؟ پي ٽي اي ۽ پيمرا کي نظر نٿو اچي ته ڇا ٿي رهيو آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اهو سڀ ڏسڻ پي ٽي اي ۽ پيمرا جي ذميواري آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ذميواري آهي ته ذميواري نڀائين ڇو نٿا؟ حڪومت طرفان خاموشي ٻڌائي رهي آهي ته هو انهن سان گڏ آهن، قانون واري وزير ۽ اطلاعات واري وزير ان بابت هڪ لفظ ناهي چيو، ڇا ان خاموشي جو مطلب آهي ته اوهان ان جي پٺيان آهيو؟ ڇا هاڻي عدالت پي ٽي اي ۽ پيمرا کي ٻڌائي ته کين ڇا ڪرڻو آهي؟ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ چيو ته ان معاملي تي ادارتي ريسپانس اچڻ گهربو هو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته هي چاهي رهيا آهن ته ججن کي پاڻ اچي جواب ڏيڻ گهرجي، چيف جسٽس چيو ته هي ڪارروائي ادارتي ريسپانس ئي آهي، جنهن اهو ڪيو آهي اهو اڊيالا جيل ۾ اونهارو گذاريندو. چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته ڇا اوهان چوڻ چاهيو ٿا ته جج کي ٽوئيٽ ڪري جواب ڏيڻ گهرجي يا ججز پريس ڪانفرنس ڪري وضاحت ڏين؟ هاڻي ججز ٽوئيٽ ڪن ته منهنجي ڊگري صحيح آهي يا نه؟ شروع کان ڪنهن کي ڪنهن جو جواب ڏيڻ جي ضرورت ناهي، ڇا ججز هاڻي اهڙن معاملن جو جواب ڏيڻ لاءِ رهجي ويا آهن؟  عدالت پيمرا ۽ پي ٽي اي سميت صحافين غريده فاروقي، عمار سولنگي ۽ حسن ايوب کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي، جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف مهم جي ذميوارن جو پتو لڳائي، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اونهاري جي موڪلن کانپوءِ ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.