ڊي ايس پي علي رضا جا قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته دهشتگردي خلاف پوليس وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، سندن قربانيون ضايع نه وينديون. موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل ڊي ايس پي علي رضا جي جنازي نماز سي پي او ۾ ادا ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه، گهرو وزير، آءِ جي پوليس ۽ ڊي جي رينجرز شرڪت ڪئي. وڏي وزير شهيد ڊي ايس پي علي رضا جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير شهيد جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.