لاهور (م ڊ) ڊيري ڪيٽرل فارمرز ايسوسيئيشن حڪومت طرفان لڳايل ٽيڪسن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس عهديدارن چيو ته حڪومت جانورن جي فيڊ ۽ خام مال تي ٽيڪس لڳايو، اسان ڏکيائين جو شڪار آهيون، ٽيڪسن کي رد ڪريون ٿا. هنن چيو ته ٽيڪسن سان آنا، کير ۽ گوشت مهانگو ٿي ويندو، کير جي پيداوار جي کوٽ آهي، ٽيڪسن سان شعبي کي نقصان ٿيندو. چيف آرگنائزر شهباز رسول وڙائچ چييو ته ٽيڪس گهٽ نه ڪيو ويو ته کير 300 رپيا في ڪلو ملندو، جيڪي فارمرز خالص کير نٿا وڪرو ڪن انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.