اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اسان کي ڪنهن به مهم جي خبر ناهي، جج خلاف هلندڙ مهم سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته عدالت حڪم ڏنو ته هو معاملي جيٻڌڻي جوڳي هجڻ يا نه هجڻ کي ڏسندا، ڪيس جي روزاني ٻڌڻي تي اسان کي ڪو به اعتراض ڪونهي. هن چيو ته اسان جي وڪيلن موجب ڪيس ٻڌڻ جوڳو ناهي، عدالتي حڪم تي جواب داخل ڪنداسين.