اسلام آباد (م ڊ) دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته شهباز شريف حڪومت جي ٽن مهينن ۾ نگران حڪومت جي آخري ٽن مهينن جي مقابلي ۾ کنيل قرضن ۾ 113 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته مارچ کان مئي 2024ع دوران وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 3 هزار 11 ارب رپين جو اضافو ٿيو، جڏهن ته نگران حڪومت جي آخري ٽن مهينن دوران وفاقي حڪومت جو قرض 1 هزار 416 ارب رپيا وڌيو هو. دستاويز موجب وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ اهو اضافو ڊسمبر 2023ع کان فيبروري 2024ع جي وچ ۾ ٿيو، جڏهن ته مئي 2024ع تائين وفاقي حڪومت جو قرض وڌي 67 هزار 816 ارب رپيا ٿي ويو. دستاويزن موجب فيبروري 2024 ۾ وفاقي حڪومت جو قرض 64 هزار 806 ارب رپيا ۽ نومبر 2023ع ۾ 63 هزار 390 ارب رپيا هو.