اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ججن کي چوندس ته سوشل ميڊيا تي ايترو ڌيان نه ڏين، سوشل ميڊيا کي جيترو اهميت ڏيندا ايترو ئي گوڙ ٿيندو،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سوشل ميڊيا پٺيان گهمڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ سوشل ميڊيا کي ايتري اهميت ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، جسٽس شوڪت ملڪ جي ڳالهين جو ڪير جواب ڏئي،هاءِ ڪورٽ جي ججن گهرن لاءِ دٻاءُ وڌو هو، چوڌري پرويز الاهي خلاف ڪرپشن جا سمورا ڪيس سچا آهن، اهي ڪيس جنهن به عدالت ۾ لڳندا اتي جج جو ناٺي هليو ويو ۽ ڪيس ختم ٿيندا ويا، هن چيو ته جنهن جو جيڪو دل چوي ٿو وي لاگ ۾ چئي ڏئي ٿو، معاشري ۾ ڪوڙ پکڙيل آهي،سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪريون ٿا ته اسان کي روڪيو وڃي ٿو