ٽنڊي آدم مان گرفتارع آ رپورٽر نوابشاهه جيل منتقل

کيبر(رپورٽ: شيراز جت) رپورٽنگ دوران گرفتاري ڪري لاڪ اپ ڪيل عوامي آواز پليجاڻي جي رپورٽر واحد جان مري کي دهشتگردي جي خاتمي واري نوابشاهه جي عدالت 2 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ڪالهه ٽنڊوآدم ٿاڻي جي پوليس صحافي واحد جان مري کي نوابشاهه جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو. جتان کيس سب جيل نوابشاهه موڪليو ويو. واضح رهي ته ٽنڊوآدم جي شاهنواز چوڪ تي مري برادري جي ماڻهن جو ڌرڻو لڳو هو، ڌرڻي جي رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ واحد جان مري پهتو ته ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي جو ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي عوامي آواز جي رپورٽر واحد جان مري کي گرفتار ڪري پريس ڪارڊ ۽ ڪيميرا ڦري لاڪ اپ ۾ بند ڪري ڇڏيو، يونين آف جرنلسٽ جي صدر اقبال ملاح. خالد کوکر. لالا رحمان سمون چيو آهي ته سنڌ ۾ قلم ڌڻين خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي. رپورٽنگ ڪرڻ هر صحافي جو حق آهي پر صحيح رپورٽنگ ڪرڻ وارن صحافين کي تنگ ڪيو پيو وڃي. هنن گهر ڪئي آهي ته رپورٽنگ دوران گرفتاري ڪيل صحافي کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.