خانپور (ن ع آ) خانپور مان 3 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل 5 سالن جو معصوم آذان آرائين سميت ٻين مغوين جو سول جج خانپور اعجاز تنيوعوامي آواز ۾ مسلسل خبرون نشر ٿيڻ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، عدالت 11 جولائي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ايس ايڇ او خانپور کي طلب ڪري ورتو آهي.ٻئي پاسي ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ معصوم آزاد آرائين جي وارثن وٽ پهچي تفصيل ورتا ۽ واقعي واري ھنڌ جو پڻ دورو ڪيو. هوڏانهن ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ مغوي حڪيم بروھي، عظيم جعفري ۽ ڪوٽ شاھو مان اغوا ٿيل عبدالرؤف ڀيو جي بازيابي لاءِ رحيم آباد لاڙي تي لڳل ڪيمپ تي پھچي مغوين جي وارثن کان به تفصيل ورتا. ايس ايس پي شڪارپور مغوين جي وارثن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته جلد آذان آرائين سميت ضلعي شڪارپور مان اغوا ڪيل مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو ۽ آذان آرائين جي بازيابي لاءِ ٽيڪنيڪل ٽيمون جوڙيون آهن. هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب خانپور ۾ بدامني جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او خانپور محمد نواز ڪورائي کي ھٽائي لائين حاضر ڪري قمر الدين تنويو کي ايس ايڇ او خانپور مقرر ڪري ڇڏيو آهي.