ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ سنڌ جو صدر ۽ ايم پي اي نثار احمد کهڙو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين ۽ پ پ عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر گهرو کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي بنا مقابلي چيئرپرسن چونڊجي ويا، جڏهن ته ماحوليات، ڪوآپريٽو سوسائيٽيز سميت ٽوٽل پنجن ڪميٽين جي ميمبرن اتفاق راءِ سان چيئرمينن کي چونڊي ورتوآهي، سنڌ اسيمبلي ۾ گهرو کاتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪميٽي ۾ شامل پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن گڏيل طور تي پيپلزپارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر کي ڪميٽي جو چيئرپرسن چونڊيو، اجلاس کان پوءِ صوبائي گهرو وزير ضياالحسن لنجار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فريال ٽالپر جو چيئرپرسن چونڊجڻ سٺو سنوڻ آهي ۽ گهرو کاتي جي ڪميٽي سنڌ ۾ امن امان بابت اثرائتو ڪردار ادا ڪندي. پيپلزپارٽي ايم پي اي نثار احمد کهڙو کي پڻ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي پهرين اجلاس دوران ميمبرن پاران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊيو ويو. ان دوران ڳالهائيندي پي اي سي چيئرمين نثار احمد کهڙي چيو ته پي اي سي سمورن کاتن جي خرچن ۽ فنڊن جي استعمال بابت مانيٽرنگ جاري رکندي. ان کانسواءِ ضابطن ۽ قاعدن واري ڪميٽي جي چيئرپرسن ريحانا لغاري، ماحوليات ۽ ٻيلي کاتي جي ڪميٽي لاءِ چيئرمين محمود عالم ڄاموٽ چيئرمين پڻ اتفاق راءِ سان چونڊيا ويا.