ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ٻين ميڊيا پريڪٽسشنرز (ايس سي پي جي ايم پي) جو ٻيو ساليانو اجلاس ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) نذر اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو. گڏجاڻي دوران ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سي پي اين اي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس تي اڳڀرائي شروع ڪري ڇڏي. چيئرمين تجويز ڏني ته نصرالله گڏاڻي ڪيس لاء سکر مان واسطو رکندڙ هڪ فوجداري ڪيسن جي وڪيل کي جاچ آفيسر نامزد ڪيو وڃي، جنهن کي ڪميشن اتفاق راءِ سان منظور ڪيو. ڪميشن جي ميمبرن کي جان محمد مهر ۽ حيدر مستوئي جي ڪيسن بابت به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي نمائندگي تي غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميشن ۾ پنهنجا نمائندا نامزد ڪرڻ لاءِ ٻنهي ادارن کي ياد ڏياريندڙ خط اماڻيو ويندو. اجلاس ۾ ايس سي پي جي ايم پي ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميم تي ووٽنگ ڪندڙ ميمبرن جي غير حاضري سبب ملتوي ڪيو ويو. اجلاس جي پڄاڻي تي چيئرمين چيو ته ايندڙ اجلاس جا دعوت ناما اي ميل نوٽيفڪيشن ذريعي موڪليا ويندا. ميمبرن ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان جي والد ۽ قاضي اسد عابد جي ڀاءُ جي روح جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز محمد سليم خان، شاهه نواز سومرو. ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو کاتو، امتياز احمد شيخ اسپيشل سيڪريٽري قانون کاتو، پروفيسر توصيف احمد خان – ايڇ آر سي پي. ڊاڪٽر جبار خٽڪ، سي پي اين اي. APNEC جناب عبيدالله ۽ سيڪريٽري ايس سي پي جي ايم پي محمد فائق عليم الدين شرڪت ڪئي.