اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي نان پروٽيڪٽڊ ڪيٽيگري ۾ شامل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي جاچ اداري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي هيڊڪوارٽرز ۽ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري شريڪ ٿيا. ايف آءِ اي عملدارن گهرو وزير کي اوور بلنگ جي معاملي تي بريفنگ ڏني، وفاقي گهرو وزير پروٽيڪٽڊ واهپيدارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڊسڪوز جي ڊيٽا طلب ڪندي چيو ته ايف آءِ اي جا سڀ ڊائريڪترز ڊسڪوز جي ڊيٽا کي چيڪ ڪري رپورٽ پيش ڪن. محسن نقوي چيو ته پروٽيڪٽڊ واهپيدارن سان زيادتي جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي، سڀني ثبوتن جو جائزو وٺي ذميوارن جو پتو لڳايو وڃي.