سائره سمون قتل، وارثن پاران پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو

ملير (ڊ ر) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ پوليس فائرنگ دوران مارجي ويل ماءُ ۽ ڌيءُ وارو معاملو، مقتولا جي وارثن ملير جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي لاءِ اڄ مقتولا جا وارث پنهنجي وڪيلن ذريعي ملير جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪندا. ان سلسلي ۾ سينيئر وڪيل محمد اشرف سمون صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پوليس پنهنجي آفيسرن کي بچائڻ جي لاءِ ڪيس کي غلط استعمال ڪري رهيا آهن، وارثن پاران اڄ ملير جي عدالت ۾ ايف آءِ آر لاءِ پٽيشن داخل ڪئي ويندي جنهن ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي جوابدار ڌر بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.