ٽنڍوالهيار ( ڊ ر ) ٽنڊوالھيار لڳ پاڪ سنگھار يوسي ۾ ڪتن 13 ورھين جي نينگر کي ڏاڙھي ماري ڇڏيو. واقعو ڳوٺ جادو لغاري ۾ ڪڪڙين پالڻ واري فارم آڏو پيش آيو، جتي ڪتن اوچتو حملو ڪري 13 ورھين جي نينگر زاھد علي عرف پپي ولد عنايت علي گوپانگ کي جسم جي مختلف ھنڌن تي چڪ پائي پائي ماري ڇڏيو. ڳوٺاڻن موجب نينگر جو والد عنايت علي گوپانگ چنگچي رڪشه ھلائي پيٽ گذر ڪري ٿو، جيڪو گھران نڪري ڪاٺيون وڍڻ لاءِ ويل ھو. جڏھن ته نينگر والد کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيڻ وڃي رھيو ھو ته رستي ۾ مرغي فارم لڳ ڪتن نينگر تي حملو ڪري ماري ڇڏيو. علائقي ۾ ڪتن جي ڏاڙھڻ ۽ نينگر جي موت بعد ڏک جي ڪيفيت برقرار ھئي. جڏھن ته اھي به چوٻول ھلندڙ آھن ته نينگر تي ھڪ بااثر شخص جي پالتو ڪتن حملو ڪيو آھي پر ان جي مڪمل طرح تصديق نه ٿي سگھي آھي ته حملو ڪندڙ ڪتا رولو ھئا يا با اثر شخص جا ھئا. اطلاع تي سلطان آباد ٿاڻي ۽ شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل معلوم ڪيا. پوليس فوتي نينگر جي لاش کي سول اسپتال پھچايو ۽ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.