اسلام آباد (م ڊ) محرم الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وفاق صوبن جي درخواست تي فوج کي ڪوئيڪ ريسپانس فورس طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. گهرو وزارت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪٿي ڪيتتري فوج مقرر ٿيڻي آهي اهو فيصلو صوبا ڪندا، فوج جي واپسي بابت فيصلو گڏيل مشاورت سان ڪيو ويندو. اسلام آباد، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ به فوج مقرر ڪئي ويندي، فوج مقرري جو فيصلو آئين جي آرٽيڪل 245 تحت ڪيو ويو.
-
محرم دوران انٽرنيٽ، موبائيل سروس بندش جو فيصلو مشاورت سان ٿيندو
اسلام آباد (م ڊ) گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي تي مشاورتي اجلاس دوران سڄي ملڪ ۾ جلسن ۽ مجلسن ۾ ڊرون جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سڀني صوبن ۾ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انٽرنيٽ، موبائيل سروس جي بندش جو فيصلو سيڪيورٽي ادارن جي مشاورت سان ٿيندو. ترجمان ٻڌايو ته مجلسن، جلوسن جي سخت سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. محسن نقوي چيو ته وفاقي حڪومت سڀني صوبن کي سيڪيورٽي بابت امڪاني وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.