ايل بي او ڊي جي ڪم ۾ سست رفتاري، سنڌ سرڪار جاڳي پئي

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ)رحيم يار خان، نوابشاهه، سانگهڙ، مير پور خاص، بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعي جو برساتي پاڻي کڻي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ راڪاس ايل بي او ڊي سم نالي ۽ هاڪڙو پراڻ جي ڪم ۾ ڪرپشن ۽ سستي جون خبرون لڳڻ کان پوءِ اڄ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه زيرو پوائنٽ اچي رهيو آهي،وڏو وزير ماني ايم پي اي ارباب لطف الله وٽ ڍوڍاري ۾ کائيندو جڏهن ته جلسو وري ٽنڊو باگو ايم پي اي ارباب امان الله جي تڪ زيرو پوائنٽ وٽ ڪندو. وڏي وزير ۽ ڪابينا سميت ورلڊ بئنڪ جي نمائندن جي سيڪورٽي بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعي جا ايس ايس پي سنڀاليندا.ٻئي طرف آبپاشي عملي وڏي دعويٰ ڪئي هئي ته هاڪڙو ۽ ايل بي او ڊي سم نالي مان 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪراس ڪرائي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائي سگهون ٿا جڏهن ته هتي صرف هڪ هزار ڪيوسڪ دوران هاڪڙو جا بندر لڙهڻ لڳا ٺيڪيدار لڪڙن ۽ پن جي تورين سان بند ٻڌڻ لڳو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.