اوٻاوڙي ويجهو پوليس مقابلو، 3 ڏوهاري مارجي ويا

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)اوٻاوڙي لڳ صادق آباد جي علائقي رڪن پور ۾ پنجاب پوليس ڪارروائي ڪندي مقابلي ۾ 3 ڏوهاري مارڻ ۽ وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ ظهور ماڇي، جميل عرف جھلو ۽ بختيار ماڇي طور ٿي آهي. ان موقعي تي پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين مٿان اغوا، ڦر ۽ قتل جا 18کان وڌيڪ ڪيس سنڌ پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي داخل ٿيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.