شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ويجهو لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڌر جا 2 نوجوان قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، واقعو سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مينھين لغاري ۾ پيش آيو، علائقي واسين موجب، زمين ۾ مال ڪاهي پوڻ واري ڳالهھ تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڌر جي فائرنگ ۾ حاجي لغاري ۽ نادر لغاري ٿڏي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته گهنور لغاري ۽ رمضان لغاري زخمي ٿي پيا، اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري ڳوٺ پهچي مقتولن ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال کڻائي آندو، جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا، ھوڏانھن ڊاڪٽرن زخمين کي طبي امداد ڏيئي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو، ٻي پاسي ڌرين ۾ جهيڙي کانپوءِ ڳوٺ ۾ خوف پکڙجي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجھا عزيز پڻ آهن.