نارٿ ڪراچي ۾ فائرنگ، مقامي زڪوات چيئرمين مارجي ويو

ڪراچي ( رپورٽر ) نارٿ ڪراچي ۾ انڊا موڙ يونس مسجد ڀرسان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، تفصيل موجب نارٿ ڪراچي ۾ انڊا موڙ يونس مسجد ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ مقامي زڪوات ۽ عشر ڪميٽي جو چيئرمين مارجي ويو. ڳجهي ذريعن موجب مقتول جو لاش عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو آهي، فوتي جيسڃاڻپ عبدالقيوم طور ٿي آهي. ايس ايس پي سينٽرل ذيشان صديقي به واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو. ذيشان صديقي جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ ۾ قتل جو واقعو ڦرلٽ جو نه ٿو لڳي ڇاڪاڻ ته مقتول کان ڦر لٽ نه ڪئي وئي آهي . ايس ايس پي سينٽرل موجب مقتول کي ويجھي کان 2 گوليون لڳيون، مقتول کي نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته مقتول جي کيسي مان هڪ سڃاڻپ ڪارڊ مليو آهي، مقتول جو تعلق سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ فنانس ڊپارٽمينٽ سان هو ۽ هو مقامي زڪوات ۽ عشر ڪميٽي گلبرگ ٽائون جو چيئرمين هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.