ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سانگھڙ ۾ 29 جون تي بيدرديءَ سان قتل ڪيل خدابخش درس جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ بار ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ ڪراچي بار ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي وڪيلن عامر نواز وڙائچ محمد فھيم ضياءَ بريسٽر سرفراز ميتلو بريسٽر غلام محمد درس وڪيل ڪليم درس انور درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سوين وڪيل برادري جي ماڻھن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي عوامي سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته هن وقت تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن قاتلن کي سياسي پٺڀرائي حاصل حاصل آهي، ضلع چيئرمين سانگھڙ ۽ ايس ايڇ او کاھي کي فوري طور هٽايو وڃي، 10 ڏينھن اڳ سانگھڙ جي کپرو جي ڳوٺ حمزو خان درس ۾ اڳوڻي تعلقي ناظم خدابخش درس کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪيو پر جوابدارن علي حسن مري، ڪنڊو مري ۽ ٻين کي گرفتار نٿي ڪري جوابدار بااثرن جي پشت پناھي سبب آزاد گھمي رھيا آھن. وڪيل برادري مطالبو ڪيو ته بااثر سانگھڙ جو ضلعي چيئرمين رياض شاھ کي فوري عھدي تان ھٽايو وڃي.