ملتان(پ ر) ملڪ ۾ مظلوم قومن جو اتحاد ضروري آهي، حڪمران ملڪ ۾ شامل قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪن، آءِ ايف جي فرمائش تي منظور ڪيل بجيٽ پورهيت دشمن آهي. اهڙو اظهار پاڪستان سرائيڪي پارٽي طرفان ملتان ۾ سرائيڪي زبان جي اديب، دانشور ۽ محقيق اسلم رسولپوري جي تعذيتي ريفرنس ۽ پاڪستان سرائيڪي پارٽي جو 35 هون يوم تاسيس ملهايو ويو، جنهن کي پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر نخبا تاج لانگاهه، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نوراحمد ڪاتيار، سرائيڪستان ڊيموڪريٽ پارٽي جي صدر فراز نون، سرائيڪستان قومي اتحاد جي سربراهه خواجه غلام فريد ڪوريجا، سرائيڪي قومي اتحاد جي اڳواڻ محمد جميل ولهياڻي، سرائيڪي قومي ڪائونسل جي چيئرمين ظهور احمد ڌاريجو، سرائيڪستان جمهوري پارٽي جي چيئرمين سيد مهدي الحسن شاھ، سرائيڪستان نوجوان تحريڪ جي چيئرمين مظهر عباس ڪات، دانشور جمشيد ڪمتر، احمد نواز سومرو، جھوڪ جي سي او رضون حسين قلندري، حاڪم جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪيو. اڳواڻن سرائيڪي زبان جي ناليواري اديب اسلم رسولپوري کي خراج تحسين پيش چيو اسلم رسولپوري بنيادي نظرياتي ڪم ڪيو. هو پورهيتن ۽ مظلوم ماڻهن جو وڪيل هو. پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر نخبا تاج لانگاهه خطاب ڪندي چيو ته سرائيڪين ۽ سنڌين سان ٻٽو معيار رکيو ويو آهي. سرائيڪين کي هن ملڪ ۾ پنهنجي شناخت نٿي ڏني وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي وجود کان وٺي مظلوم قومن جي حق حڪمراني ۽ وسيلن تي ڌاڙا هنيا ويا آهن. اسان مظلوم ماڻهن کي انسان به نٿو سمجهيو وڃي. سنڌ جي پاڻي ۽ ناڻي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ ۽ سرائيڪي وسيب جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن. سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي. سردار آئين ۽ قانون کان بالاتر ٿي جرڳا ڪري ماڻهن جي زندگين جي قيمت مقرر ڪن ٿا. اسٽيبلشمينٽ وڏيرن ۽ سردارن جي سرپرستي ڪري ٿي، اعلي عدالتن جي فيصلن کي پيرن هيٺان لتاڙيو ٿو وڃي. هن چيو ته هن بدبودار، انسان دشمن نظام کي شڪست ڏيڻ لاءِ مظلوم قومن جو اتحاد ضروري آهي. سرائيڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي چيئرمين فراز نون چيو ته حڪمرانن کي عوام جي مفادن جي ڪابه پرواهه نه آهي. آئي ايم ايف جي چوڻ تي بجيٽ ٺاهي ويئي آهي. مظلوم قومن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. سرائيڪستان قومي اتحاد جي سربراه خواجه غلام فريد ڪوريجا خطاب ڪندي چيو ته هن ملڪ ۾ اقليتن سميت ڪنهن به فرد کي تحفظ ناهي جڏهن ته عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ساليانو کربين رپيا بجيٽ رکي خرچ ڪئي وڃي ٿي. ان جو ڪوبه حساب ڪتاب ناهي. جڏهن ته جلسي ۾ مختلف قراردادون پاس ڪيون ويون.