بمبئي ( م ڊ ) ڀارت، بنگلاديش ۽ نيپال ۾ جاري برساتن سبب حادثن ۾ 32 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.راجستان ۽ يوپي سميت ڀارت جي ڪيترن ئي رياستن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي.اترپرديش ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف حادثن ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا. راجستان ۾ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي، ممبئي ۾ برسات سبب لوڪل ٽرين سروس متاثر آهي. بهار ۾ تيز برساتن سبب دريائن ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، ڀارتي راڄڌاني دهلي ۾ اڄ به هلڪي برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.آسام ۽ هماچل پرديش ۾ برسات جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف نيپال ۾ مون سون جي مسلسل برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، روڊ رستا ٻڏي ويا آهن، دريائن ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين بلند ٿي وئي آهي. دريائن جي ڀرسان رهندڙ ماڻهن کي محتاط رهڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.