واڌو ٽيڪسن کانپوءِ بجلي بل آمدني کان به وڌي ويا، عوام جو بجلي سستي ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (م ڊ) بجلي جي بلن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بجلي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ بل آمدني کان وڌي ويا آهن، شهرين حڪومت جي آسرن کي رد ڪري بجلي سستي ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي آهي. بنيادي ٽيرف ۾ لاڳيتو واڌ سان بجلي جو بنيادي ٽيرف سراسري 35.50 رپيا في يونٽ تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته ان تي سرچارجز اگهن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. عام واهپيدار جو گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 20 هزار رپيا بل اچي رهيو آهي. بجلي جي بنيادي ٽيرف کانسواءِ 18 سيڪڙو جي ايس ٽي، 3.41 رپيا فنانس سرچارج، ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 3.32 رپيا ۽ هلندڙ مهيني جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 3.32 رپيا به ادا ڪرڻا پون ٿا جڏهن ته فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ تي جي ايس ٽي ۽ پي ٽي وي فيس 35 رپيا به اوڳاڙي وڃي ٿي. شهرين ايڏي مهانگي بجلي کيسن تي ڌاڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪٿان جو انصاف آهي جو بجلي جي بل تي 2 ڀيرا جي ايس ٽي لاڳو ڪئي وڃي. عوام بجلي سستي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مهانگي بجلي سان گڏوگڏ پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جي چڪر به عوام کي ڳڻتي ڏئي ڇڏي آهي. 200 يونٽ کان هڪ يونٽ وڌڻ سان ئي نان پروٽيڪٽڊ واهپيدار بڻجڻ تي اگهه ٻيڻ کان وڌي وڃن ٿا جڏهن ته لاڳيتو ڇهه مهينا ادا ڪرڻا پون ٿا. پروٽيڪٽڊ واهپيدار جو بنيادي ٽيرف 14 رپيا 16 پيسا آهي پر هڪ يونٽ وڌيڪ استعمال ٿيندي ئي واهپيدار کي 23 رپيا 59 پيسا في يونٽ ادا ڪرڻا پوندا. غريب سان گڏوگڏ مڊل ڪلاس به بجلي جي واڌو بلن مان پريشان آهن، ڇو ته 401 کان 500 يونٽ جو واهپيدار بجلي جو بنيادي ٽيرف 39 رپيا 15 پيسا ادا ڪندو ۽ 400 يونٽ جي واهپيدار جو امڪاني بل 22 هزار 838 رپيا ۽ 500 يونٽ واري واهپيدار جو امڪاني بل 30 هزار 202 رپيا هوندو. زرعي واهپيدارن جو بنيادي ٽيرف به 44 رپيا 5 پيسا في يونٽ ٿي ويو آهي جنهن سبب هاري پريشان آهي. بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان واهپيدارن تي 3 هزار 274 ارب جو بار وڌو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.