ڊيرا غازي خان (م ڊ) ڊيرا غازي خان جي هڪ علائقي ۾ جوابدارن پاران عورت جو نڪ وڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جوابدار عورت جي نڪ کي ڇري سان ڪٽڻ دوران وڊيو به ڀريندا رهيا، وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ اعليٰ عملدارن واقعي جو نوٽيس ورتو. ڊي جي خان پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فريادي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس جو چوڻ هو ته وڊيو پراڻي لڳي ٿي پر هاڻي سامهون آئي آهي جنهن جو نوٽيس ورتو ويو آهي.