ٺاروشاهھ ( رپورٽ: تنوير قريشي ) ھڪ ڏينھن اڳ ٺاروشاهھ ڀرسان ڳوٺ فوٽو راڄپر ۾ مبينا طور علاج جا پيسا نـه ھئڻ ڪـري جيري پوريل ٻارڙي وارو معاملو نياڻي جو پيءَ طيب عرف مڇر راڄپر کي ٺاروشاھه پوليس گرفتار ڪـري ورتو، گرفتار جوابدار مقامي قبرستان ۾ قبر جي نشاندھي ڪرائي ورتي، جوابدار پاران علاج جا پيسا نـ ھئڻ ڪري پاڙي جي رھواسين کي نياڻي ڏيڻ جو پڻ اعتراف ڪيو جيڪا نياڻي پاڙي وارن موٽائي ڏني جنھن بعد مجبور ٿي نياڻي کي ٻاچڪـي ۾ ويڙھي قبرستان ۾ دفن ڪيو، جوابدار پاران ڏوھه جو اعتراف پاڪ ڪتاب کي معافي ڏيڻ جون التجائون ڪرڻ لڳو، جڏھن تـ ايس ايڇ او ٺاروشاھه ابراھيم سـومرو ٻڌايو تـ اطلاع بعد ڳوٺ تي چڙھائي ڪـري جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي، سندس نشاندھي تي مقامي قبرستان ۾ قبر ھٿ ڪئي آھي ۽ جنھن ٻاچڪـي ۾ نياڻي کي کڻي آيو ، اھو ٻاچڪو پڻ ھٿ ڪيو آھي، ڪيس داخل ڪـري جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي ۽ عدالت سڳوري جي حڪم تي نياڻي جي قبرڪشائي ڪرائي پوسٽ مارٽم پڻ ڪـيو ويندو.