حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي جڊيشل جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سنواريو ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي ۽ قتل ۾ ملوث اصل جوابدارن کي پڌرو ڪري سزائون ڏنيون وڃن، ان لاءِ ضروري آهي ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جي روايتي جاچ بجاءِ جڊيشل جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته اها حڪومت جي نااهلي ۽ قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش آهي ته هڪ سال گذرڻ باوجود شهيد جان محمد مهر جا قاتل پڌرا هجڻ باوجود گرفتار به نه ٿي سگهيا آهن، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته حڪومت ۽ جاگيردارن جي مرضي آهي ته شهيد صحافين نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿين.