اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ود هولڊنگ ٽيڪس کي رد ڪندي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.لاهور ۾ فلور ملز مالڪن جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فلور ملز ايسوسي ايشن جي چيئرمين عاصم رضا چيو ته اسان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان حڪومت کي مطالبا پهچايون آهن ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ اسان جو ڪم ناهي. هن چيو ته اٽو واحد شيءِ آهي جيڪو سستو آهي ان کي به مهانگو ڪيو پيو وڃي، خدارا هوش ڪيو. عاصم رضا چيو ته مطالبا نه مڃيا ويا ته ملون 10 جولاءِ تي ڪڻڪ ڌوئڻ بند ڪري ڇڏينديون ۽ 11 جولاءِ کان سڄي ملڪ ۾ اٽي جي فراهمي بند ڪئي ويندي. هنن چيو ته حڪومت کي وقت ڏئي رهيا آهيون ته جيئن عوام پريشان نه ٿئي پر اربع کان مڪمل هڙتال ڪنداسين.