بجيٽ جا اثر شروع، سيمنٽ جي في ٻوري جي اگهه ۾ 207 رپيا واڌ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد ۾ 50 ڪلو سيمنٽ جي ٻوري جي اگهه ۾ 207 رپيا اضافو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 1500  رپيا ٿي وئي آهي.نئين مالي سال جي پهرين هفتي ۾ وفاقي بجيٽ ۾ سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 3 رپيا في ڪلو ٿي وئي. نئين مالي سال جي پهرئين هفتي ۾ 50 ڪلوگرام سيمنٽ جي ٻوري جي قيمت ۾ 207 رپيا واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سيمنٽ جي هڪ ٻوري جي نئين قيمت 1500 رپين تائين پهچي وئي، جڏهن ته لاهور ۽ پشاور ۾ سيمنٽ جي ڀيٽ ۾ 50 ڪلوگرام جي ٻوري جو اگهه وڌي ويوآهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.