ملير ۾ پوليس فائرنگ دوران مارجي ويل عورت جي وارثن جو ڌرڻو زبردستي ختم

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو)  4 ڏينهن اڳ اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد ويجهو قومي شاهراهه تي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو جنهن دوران پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪيٽي بندر واسي عورت سائره  بانو گولي لڳڻ سبب فوت ۽ سندس ڌيءَ غنويٰ سخت زخمي ٿي پئي جنهن کانپوءِ سندس وارثن اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي گهر ڪئي، پوليس پاران انڪار ڪرڻ تي وارثن لنڪ روڊ قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو هنيو، گذريل ڏينهن ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر وارثن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اسٽيل ٽائون ٿاڻي پهتو، ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿيون جنهن بعد پوليس پاران مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ شيل فائر ڪيا ويا ۽ لاٺي چارج جو استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي پڻ ٿيا، پوليس پاران لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو ويو ۽ ٽريفڪ بحال ٿي وئي، ان سلسلي ۾ مقتولا عورت جي ڀاءُ يعقوب سمون صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وقتي طور تي ڌرڻو ختم ڪري رهيا آهيون منهنجي ڀيڻ جي قتل واري واقعي بعد اسان جي ڪا به ڳالهه نه پئي ٻڌي وڃي قاتلن جي مدعيت ۾ ڪيس درج ڪيو ويو آهي اسان ان ڪيس ۾ شامل ٿي بيان نه ڏينداسين، اسان احتجاج ان اميد سان ڪيو هو ته اسان کي انصاف فراهم ڪيو ويندو ، هن چيو ته اسان جي مرضي موجب ايف آءِ آر نه ٿي، اسان کي انصاف جي ڪا به اميد نه آهي منهنجي ڀيڻ جا قاتل پوليس وارا آهن انهن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

ساجد جوکيو جي مقتول عورت جي وارثن سان ملاقات، انصاف جي خاطري

ملير (ڊ ر) اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي محمد ساجد جوکيو پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ مارجي ويل عورت سائره بانو جي وارثن سان  ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر سان گڏجي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي سان تعلق رکندڙ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل عورت بابت ڊي آءِ جي اڳيان موقف رکيو آهي ته هڪ طرف جلد بازي ۾ ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي جيڪا مقتول جي وارثن سان صلاح بعد ڪٽرائي وڃي ها، هن چيو ته پوليس ڏوهاري آهي يا نه آهي ان جي اعليٰ سطح جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ مقتولا جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته اسان عوامي ماڻهو آهيون ۽ پيپلزپارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي ته ڪنهن مظلوم سان ناانصافي ٿئي. ان موقعي تي ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي، ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي، آفيسر ۽ مقتولا جا وارث پڻ موجود هئا.

اسان جي ايف آءِ آر داخل نه ٿي، معاملو الله تي ڇڏيون ٿا:يعقوب سمون

ڪراچي ( رپورٽر)  ڪراچي جي نيشنل هاءِ وي تي عورت جي فوت ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري  ڇڏيو.ڪراچي پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل عورت جي وارثن جو ٻن ڏينهن کان نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو جاري هو. سمان برادري ۽ علائقي واسين جو گذريل ڏينهن کان سسئي ٽول پلازه تي ڌرڻو جاري هو، جنهن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڊي آءِ جي ڪراچي ايسٽ اظفر مهيسر وارثن سان ڳالهين لاءِ پهتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي ڀاءُ يعقوب سمون چيو ته اسان معاملو الله تي ڇڏيون ٿا، اسان کي انصاف ناهي مليو، پوليس اسان جي ڀيڻ جو قاتل آهي. هن چيو ته اسان احتجاج ختم ڪري رهيا آهيون. واقعي کان پوءِ اسان جي ڪابه ڳالهه ناهي ٻڌي وئي

ڪار تي فائرنگ ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: نواز زئور

ميرپوربٺورو/باڊھ/حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور جي گهر واريءَ زليخان زئور جو چاليهو ميرپوربٺورو لڳ  ڳوٺ احمد خان زئور ۾ ٿي گذريو. ان موقعي تي زليخان زئور جي مزار تي حاضري ڀري اجرڪ ۽ گلن جي چادر چاڙهي وئي. سندس مزار تي قومي ترانو پڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جڏهن ته نواز خان زئور عورتن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته زليخان زئور هڪڙي بهادر ۽ انقلابي عورت هئي، جيڪا مختلف وقتن تي سياسي جدوجهدن جو سرگرم حصو رهي. هن وقت ضرورت آهي ته عورتون قومپرست سياست جو حصو ٿين. جنهن سياست ۾ عورتن جو متحرڪ ڪردار ھوندو، اها سياست ۽ جدوجھد ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي عورتن کي سياست ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.هوڏانهن باڊھ ۾ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گهگهر ڦاٽڪ تي سمان برادري جي ڌرڻي تي پوليس جي لٺبازي خلاف ٽائون هال باڊھ اڳيان قومي پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ، اصغر نوناري ۽ فدا حسين تنيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽائون هال اڳيان مظاهري کي خطاب ڪندي محمد علي خشڪ چيو ته سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻايو ويو آهي. هن حڪومت ۾ مظلوم ماڻهن کان پرامن احتجاج جو حق به کسيو ويو آهي. ٻئي طرف قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور گھگھر ڦاٽڪ تي سمان برداري جي لڳل ڌرڻي تي لٺبازي جي مذمت ڪندي چيو ته اسٽيل ٽائون پوليس فائرنگ ڪري عورت ساران سمون کي قتل ڪيو، جيڪو هڪ بيگناھ قتل آھي. متاثر ڌر جو فرياد داخل ڪرڻ بدران متاثر ڌر مٿان لٺبازي ۽ فائرنگ ڪئي وئي آھي. قومي پارٽي مطالبو ٿي ڪري ته ڪار تي فائرنگ ڪندڙ ملوث اهلڪارن تي ايف آءِ آر داخل ڪري مقتولا ساران سمون سان انصاف ڪيو وڃي.

عورت جي قتل واري معاملي تي عدالتي جاچ لاءِ تيار آهيون: ڊي آءِ جي اظفر مهيسر

ملير :  ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) ايسٽ غلام اظفر مهيسر چيو آهي ته پوليس فائرنگ سان عورت جي موت جي عدالتي جاچ لاءِ تيار آهي. عورت جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام اظفر مهيسر چيو ته هي هڪ حادثو هو، سندس ڪار ڪراس فائر جو نشانو بڻي.هن چيو ته اسان عدالتي حڪمن جي مخالفت نٿا ڪري سگهون. پوليس پاران سندن خلاف ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.ڊي آءِ جي ايسٽ وڌيڪ چيو ته پوليس واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ تيار آهي.هن اهو به چيو ته متاثر خاندان پنهنجي ڳالهه کانسواءِ ڪجهه به ٻڌڻ نٿا چاهين.

عورت جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي:سنڌي ادبي سنگت

ملير (ڊر)سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد فيزون اسٽيل ٽائون واقعي ۾ ڪيٽي بندر جي ٻن بي گناهه عورتن جي قتل مذمت ڪندي واقعي جي درست نموني جانچ ڪري ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ايف آئي آر ڪٽرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد فيز ون جي دستوري گڏجاڻي ۾ سيف الله پليجي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته عوام اڳ ۾ بک ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي مٿان وري هن قسم جي پوليس گردي بربريت جو مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي هن موقعي تي امتياز دانش خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس کي ان قسم جو ڪوبه حق ناهي ته ڪنهن به وقت رستي ويندڙ ماڻهن مٿان گوليون هلائي کين قتل ڪيو وڃي اشرف ڪلهوڙي چيو ته سنڌي ماڻهن تي اڄ جي دور ۾ گهڻ پاساوان حملا ٿي رهيا آهن ڌرتي ڌڻين تي ڌرتي تنگ ڪئي وئي آهي مجيب پليجو ٽائون شپ سانحي تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته ضلعي عملدارن کي هن واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف قدم کنيو وڃي سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد فيز ون قرار پاس ڪئي ته ٻن عورتن جي بي گناهه قتل ۽ ملوث اهلڪارن کي سسسپينڊ ڪري انهن خلاف ايف آئي آر ڪٽي وڇي گڏجاڻي ۾ غوث پيرزادي غزل تنقيد لاء پيش ڪيو

Malir Police Protest

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.