ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي مڪران ڊويزن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ڪوئيٽا مان ڪيسڪو عملدارن موجب ايران کان گوادر، ڪيچ ۽ پنجگور گرڊ اسٽيشنن کي بجلي جي فراهمي معطل آهي. ڪيسڪو عملدارن موجب ايران ۾ بجلي جي طلب ۾ واڌ سبب بجلي جي فراهمي معطل ڪئي وئي آهي. متاثر گرڊ اسٽيشنن ۾ مند، تمپ، تربت، هوشاب، پنجگور، جيواڻي، گوادر ۽ ڊور گرڊ شامل آهن جڏهن ته گوادر ڊيپ سي پورٽ، نيو گوادر ايئرپورٽ، پسني ۽ اورماڑه گرڊ اسٽيشنون به متاثر ٿيون آهن. ڪيسڪو عملدارن موجب هو بجلي جي بحالي بابت ايراني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهن. پنجگور ۽ تربت کي نيشنل گرڊ سان ڳنڍيو ويو آهي. اميد آهي ته ايران مان بجلي جي بحالي سان صورتحال جلد معمول تي اچي ويندي.